ڇرڪ ڀرائڻ

ڇرڪ ڀرائڻ (راند): ٻارن جي هيءَ راند،گهڻي دلچسپ ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪڙو ڄڻو ٻئي کان پڇندو: ’ڇَلي مرچن جي کائي ويندين؟‘ ٻيو چوندو: ’هائو‘. وري پڇندس: ’مَٽُ پاڻيءَ جو پي ويندين؟‘ ٻيو چوندو: ’هائو‘. وري پڇندس: ’شينهن کان ڪين ڊڄندين؟‘ ٻيو چوندو: ’نه‘. پوءِ پهريون ٻار هن جي منهن کي ويجهو وٺي اوچتو تاڙي وڄائيندو، جي اکيون ڇنڀيائين ته چوندس: ’ڊڄي ويو، ڊڄي ويو.‘


هن صفحي کي شيئر ڪريو